وسيلا هجن ته بلوچستان کي پيرس بڻائي ڇڏيون: ترجمان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صوبي وٽ وسيلا هجن ته بلوچستان کي پيرس بڻائي ڇڏيون.

ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچستان حڪومت جي ترجمان فرح عظيم شاهه چيو ته بلوچستان وسيلن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، مسئلا گهڻا آهن پر اسان وٽ وسيلا ناهن.

هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ بحالي ۽ امدادي ڪم جاري آهي، بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو لڳايو ويو آهي.

ترجمان چيو ته صوبائي حڪومت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.