اکين جو نور وڌائڻ جا ٻه سولي ۾ سولا طريقا

هونئن ته هر عضوي انسان جي لاءِ نعمت ئي آهي پر اکيون قدرت جو هڪ اهڙو تحفو آهن جن سان ماڻهو دنيا جا خوبصورت نظارا ڏسي سگهجي ٿو. اکيون انسان جي جسم جون حساس عضوو پڻ آهي، هونئن ته اکين جي نور وڌائڻ لاءِ ڪيترائي طريقا آهن پر اسان هتي اوهان اهڙا ٻه سولا طريقا ٻڌائينداسين جيڪي توهان جي اکين لاءِ ايترا فائديمند ثابت ٿيندو جو توهان ڪڏهن سوچو به نه هوندو.

بنا ڪنهن دير جي اسان هتي اوهان کي اکين جي نور وڌائڻ لاءِ نمبر وار ٻه طريقا ٻڌائي رهيا آهيون جن کي بنا ڪنهن خوف ۽ گهٻراهٽ جي استعمال ڪري گهٽ نظر توڙي نظر جي بنا ڪنهن مسئلي وارا ماڻهو استعمال ڪري سگهن ٿا.

پهريون طريقو

ڳاڙهي گجر جو جوس (هڪ گلاس)

وڏف (هڪ پاءُ)

وڏفن کي صاف ڪيو، گجرن جي جوس ۾ وڏف ملائي ڪنهن چيني يا شيشي جي ٿانوَ ۾ وجهي مٿان ململ جو ڪپڙو ٻڌي ڇڏيو، روز ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ڪاٺي جي چمچي سان انهن کي گڏائيندا رهو ته جيئن ڳوڙها نه ٿئي. جڏهن گجرن جي سڄي رس وڏفن ۾ جذب ٿي وڃي انکي سڪايو ۽ پوءِ انهن کي کائڻ شروع ڪيو. اهو طريقو ٿورو وقت وٺندو پر توهان جي اکين جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. ننڍي ٻارن کي کارائڻ لاءِ ان ۾ مصري ۽ بادام وجهي سگهو ٿا. اهو طريقو اکين جي نور سميت دماغ ۽ ساهه جي صحت لاءِ به تمام سٺو آهي.

طريقو نمبر ٻيو

گجرن جو جوس اڌ گلاس

کير اڌ گلا

باداميون ست داڻا

وڏف هڪ چمچو

بادامن کي رات جو پسائي رکو، صبح جو انهن سڀني شين کي پيهي وٺو ۽ پوءِ نيراني کائو. توهان بادام اڳ ۾ کائي پوءِ مٿان گجر وارو جوس، کير ۽ وڏف پاڻ ۾ ملائي پي سگهو ٿا.

ان جي لڳاتار استعمال سان انشاءَ الله توهان جي نظر گهٽ وارو مسئلو تمام جلد حل ٿي ويندو.

ڄاڻايل ٻنهي طريقن جي فائدن کي ڏسڻ لاءِ توهان کي انتي عمل ڪرڻ ضروري آهي پر اهو ته توهان پاڻ به سمجهي ويا هوندا ته انهن ۾ ڪنهن به قسم جو نقصان ناهي هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.