عام طور تي شگر ۽ خطرناڪ بيماريون ڏيندڙ وڻندڙ کاڌا

فاسٽ فوڊز کاڌو هڪ اهڙي خوراڪ آهي جيڪو ماڻهو فوري طور تي کائڻ پسند ڪندا آهن.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙن کاڌن ۾ ماڻهو جي صحت تي ڪيترائي ناڪاري اثر پوندا آهن.

فاسٽ فوڊز ۾ لوڻ، کنڊ، سڻڀ، ٽرانس فيٽ، ڪيلوريز ۽ اڌ پَڪل شين جو استعمال تمام گهڻو هوندو آهي اهڙي ريت جي خوراڪ کي معمول بڻائڻ صحت جي لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو.

اهڙن کاڌن جو ڪڏهن ڪڏهن استعمال ته نقصانڪار ناهي هوندو پر انهن کي معمول بڻائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

فاسٽ فوڊ کاڌن جا نقصان هيٺ ڏجن ٿا.

ٿولهه:

گهٽ اگهه هجڻ ۽ گهر ۾ کاڌا پچائڻ واري مسئلي مان جند ڇڏائڻ جي ڪري اهي کاڌا ته استعمال ڪيا ويندا آهن پر انهن جا نقصان ڊگهي عرصي تائين ڀوڳڻا پوندا آهن.

فاسٽ فوڊ ۾ سڻڀ، ڪيلوريز ۽ اڌ پڪل ڪاربوهائڊريٽس جي نتيجي ۾ جسماني وزن ۾ تيزي سان واڌ ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي خوراڪ جو استعمال معمول بڻايو وڃي ته ٿولهه جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

دل جا نقصان

انهن کاڌن ۾ سوڊيم يا لوڻ اهڙين شين جو ذائقو ته سٺو ڪندو آهي پر انهن کي خراب ٿيڻ کان به بچائيندو آهي پر اهڙو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي.

لوڻ جو گهڻو استعمال هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار بڻائي ٿو جنهن سان رت جي رڳن کي نقصان ٿيندو آهي جنهن سان دل جي دورن ۽ فالج جهڙيون بيماريون ٿينديون آهن.

شگر

فاسٽ فوڊ ۾ اڳواٽ پڪل/اڌ پڪل کاڌن جو استعمال تمام گهڻو هوندو آهي جنهن جي ڪري شگر جي سطح ۾ واڌ ٿيندي آهي ڇو ته ماڻهو جو جسم وڌيڪ مقدار ۾ انسولين ٺاهڻ لڳندو آهي.

هاضمي جا مسئلا

اهڙي ريت کاڌي جو ذائقو ته وڻندڙ هوندو آهي پر ان ۾ موجود گهڻو لوڻ پيٽ وڌڻ جو سبب بڻبو آهي.

انسان گڏ فاسٽ فوڊ ۾ فائبر جو مقدار نه هئڻ برابر هوندو آهي جنهن سان قبضي جي شڪايت به ٿي سگهي ٿي.

مزاج تي ناڪاري اثر

فاسٽ فوڊز ۾ اهڙين وٽامنز، منرلز ۽ ٻين شين جي کوٽ هوندي آهي جيڪي مزاج کي خوشگوار بڻائينديون آهن.

تحقيقي رپورٽن مان اشارو ملي ٿو ته فاسٽ فوڊ اڌ پڪل يا اڳواٽ پڪل کاڌن جي ڪري ماڻهن ۾ ڊپريشن جا خطرا وڌائيندو آهي.

ٿڪاوٽ

جنهن وقت اڌ پڪل کاڌا انسان جي جسم ۾ ويندا آهن ته بلڊ شگر جي سطح تيزي سان وڌندي آهي ۽ پوءِ وري فوري طور تي گهٽجي به ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهڙي کاڌن جي عادي ماڻهن کي ٿڪاوٽ جو احساس به رهندو آهي.

انکانسواءِ انهن کاڌن کي معمول بڻائڻ سان ماڻهو کي معدي جا مسئلا، ڏندن جا مسئلا، هڏن ۽ جوڙن کي نقصان، جنسي لاڳاپن جا مسئلا، چمڙي جا مسئلا، يادداشت ڪمزور ٿيڻ سميت ڪيتريون ئي بيماريون پڻ ٿينديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.