ڪراچي ۾ نوجوان ناري کي ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سينٽرل جي علائقي ناظم آباد ۾ تشدد جي واقعي ۾ تيز ڌار اوزار جا واري سان هڪ نوجوان ناري سخت زخمي ٿي پئي.

 ايڌي فائونڊيشن جي ترجمان موجب هي واقعو پاپوش نگر ۾ چاندني چوڪ ڀرسان پيش آيو، 18 ورهين جي اواب يوسف کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڊي ايس پي ناظم آباد سلمان وحيد موجب واقعي ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، هن بڌايو ته واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار اسامه کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڇري به هٿ ڪئي وئي آهي.

ڊي ايس پي سلمان وحيد موجب واقعو مبينا طور تي محبت ۾ ناڪامي جو نتيجو آهي، جوابدار هڪ رٽائرڊ ۽ مرحوم پوليس انسپيڪٽر احمد علي جو پٽ آهي، جنهن بيان ڏنو ته ناري سان سندس دوستي رهي آهي پر هاڻوڪي ڏهاڙن ۾ مبينا طور ناري رابطو ختم ڪيو هو جنهن سان دلبرداشتا ٿي کيس جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪري رهي آهي، جلد حقيقتون پڌريون ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.