اشرافيا ضد ڇڏي، ملڪ ۾ چونڊون ڪرائي:فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري گھرو وزير راڻا ثناءُ الله جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي حياتي کي خطرو آهي ته ان جي سيڪيورٽي هاڻوڪي سرڪاري جي ذميواري آهي.

لاهور ۾ زمان پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان جي صحت بهتر آهي، هو سڀاڻي لاهور کان راولپنڊي پهچندو.

هن چيو ته حڪومت اڄ به چيو آهي ته عمران خان جي حياتي کي خطرا آهن، پر هو سمورن خطرن کي پوئتي رکي راولپنڊي پهچندو ۽ راولپنڊي ۾ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندو.

فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عوام ادارن، عدالتن ۽ سياسي پارٽين جو ڪنڊڪٽ ڏسي رهيو آهي، اشرافيا ضد ڇڏي ۽ پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائي.

گھرو وزير جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ هن جو راڻا ثناءُ الله سان مخاطب ٿيندي چوڻ هو ته روز چوڻ خطرا آهن ته راڻا ثناءُ الله ڇا پيو ڪري؟ جيڪڏهن توهان ايترا ناڪام آهيو ته استعيفيٰ ڏيو ۽ وڃي دڪان کوليو، عمران خان اڳوڻو وزيراعظم آهي، سندس سيڪيورٽي توهان جي ذميواري آهي.

اڳوڻي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت کي اليڪشن ئي ناهي ڪرائڻي ته ڳالهيون ڪيئن؟، ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر بنيادي شرط اليڪشن تاريخ جو اعلان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.