نئين دهلي جي تاريخي مسجد ۾ عورتن جي اچڻ تي پابندي ختم

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي گاديءَ واري هنڌ نئين دهلي جي مسجد ۾ عورتن جي اڪيلي ۽ گروپ ۾ وڃڻ تي لڳل پابندي ختم ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب پابندي لڳائڻ بعد نئين دهلي جي ليفٽيننٽ گورنر ونائي ڪمار سڪسينا مسجد جي شاهي امام سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس پابندي هٽائڻ جي درخواست ڪئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نئين دهلي جي ليفٽيننٽ گورنر ۽ شاهي امام جي وچ ۾ ڳالهه ٻول بعد جامع مسجد ۾ اڪيلي ۽ گروهه جي شڪل ۾ ايندڙ عورتن تي لڳل پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ نئين دهلي جي مسجد ۾ اڪيلي يا گروپ جي شڪل ۾ عورتن تي پابندي هئي، جڏهن ته مڙس يا فيملي سان عورتن جي اچڻ تي پابندي نه هئي.

ان بابت مسجد جي ترجمان چيو ته پابندي رڳو اڪيلي عورتن تي آهي ڇاڪاڻ ته هو اچي هتي ڇوڪرن سان ملن ٿيون ۽ ٽڪ ٽاڪ وڊيو سميت غيراخلاقي حرڪتون ڪن ٿيون.

هن چيو ته غيراخلاقي حرڪتون روڪڻ لاءِ پابندي هنئي آهي ڇاڪاڻ ته مسجد کي ڇوڪرن سان ملڻ واري جڳهه نٿو بڻائي سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته هيءَ ڪا پارڪ ناهي جتي ڊانس يا ٽڪ ٽاڪ وڊيوز بڻائجن پر مسجد عبادت جي جڳه آهي ۽ هتي نماز پڙهڻ وارن جي آجيان ڪبي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.