نوان ڀرتي ٿيل استاد اهو ڪم ڪندا ته پڇتائيندا، تعليم کاتي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) تعليم کاتي نون ڀرتي ٿيل استادن جي موڪلن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

تعليم کاتي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي جاري ڪيل ليٽر ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته نوان ڀرتي ٿيل پرائيمري ۽ جونيئر اسڪول ٽيچر پرڏيهه يا پڙهڻ لاءِ ويندڙ ٽن سالن لاءِ موڪل نه ڪري سگهندا، انهن جي موڪل تي پابندي هوندي.

ليٽر موجب نون استادن جي بدلين ۽ مقررين تي پڻ ٽن سالن تائين پابندي هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.