ملڪ ۾ رپئي جي اگهه جو بحران، ماهر ڇا ٿا چون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب واپاري هفتي جي آخري ڏينهن جمعي تي انٽربينڪ تي انٽربينڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 224 رپيا آهي، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ هڪ ڊالر جي قيمت 231 رپيا آهي.

رپورٽ موجب هن وقت مارڪيٽ ۾ ان ريٽ تي ڊالر موجود ناهي.  واپاري هفتي جي آخري ڏينهن تي به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪا تبديلي رڪارڊ نه ٿي جڏهن ته ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي تي دٻاءُ آهي.

رپورٽ ۾ آهي ته معاشي ماهرن موجب سيڙپڪاري جو سلسو هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿيندو ۽ ڊالر جو وڌندڙ دٻاءُ به  گهٽ ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.