انڊونيشيا: زلزلي جي ڪري فوتين جو انگ ٽي سئو ڏهه ٿي ويو

جڪارتا(ويب ڊيسڪ)انڊونيشيا ۾ سومر جي ڏينهن ايندڙ پنج پوائنٽ ڇهه شدت واري زلزلي جي ڪري فوتگين جو انگ ٽي سئو ڏهه ٿي ويو آهي. جڏهن ته چوويهه ماڻهو هن وقت تائين گم آهن.

انڊونيشيا ۾ زلزلي کانپوءِ آفٽرشاڪس جو سلسلو هلندڙ آهي. جنهن جي ڪري صوبي اولهه جاوا جي ڳوٺ سيانجر ۾ جمعي جي نماز سارين جي فصل ويجهو کليل آسمان هيٺان ادا ڪئي وئي.

آفٽر شاڪس جي ڪري خيمن ۾ پناهه ورت زلزلي متاثر اڃا تائين خطري ۾ آهن جڏهن ته امدادي ڪاروايون به متاثر ٿي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.