جنرل نديم رضا جي مان ۾ تقريب، گارڊ آف آنر پيش

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا جي مان ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب تقريب ۾ اڳوڻي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجا فرض ايمانداري، انصاف، وقار سان ادار ڪرڻ جي توفيق تي الله جو شڪرگذار آهيان، ملڪ جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، ملڪي دفاع کي بهادر سپاهي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا.

آءِ ايس پي آر موجب جنل نديم رضا ماتر ڀومي جي دفاع ۾ هٿياربند فوج جي قربانين کي ساراهيو.

ٽنهي فوجن جي هٿياربند دستن چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي کي گارد آف آنر پيش ڪيو، جنرل نديم رضا گارڊ آف آنر ۽ مارچ پاسٽ جو معائنو ڪيو.

واضح رهي ته چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا 26 هين نومبر 2022ع  تي رٽائر ٿي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.