اميتاڀ بچن جون تصويرون ۽ آواز استعمال ڪندڙ خبردار

بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاڀ بچن جي آواز ۽ تصويرن کي اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب نيو دهلي ڪورٽ فيصلو ڪيو آهي ته اميتاڀ بچن جو نالو، تصوير ۽ سندس آواز اجازت کانسواءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي.

80 ورهين جي بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن نيو دهلي هاءِ ڪورٽ اپيل ڪئي هئي ته سندس نالو، تصوير، آواز ۽ شخصيت جي حفاظت لاءِ اجازت کانسواءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي هنئي وڃي.

پرڏيهي رپورٽ موجب عدالت اليڪٽرانڪس ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي وزير کي حڪم ڏنو ته اميتاڀ بچن جي اجازت کانسواءِ اپلوڊ ٿيندڙ مواد کي حذف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.