اسان ڀاڳن وارا آهيون جو قرآن جو حافظ آرمي چيف مليو آهي: ڪامران ٽيسوري  

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته مڪاني چونڊون ضروري آهن پر تڪبندين کانسواءِ چونڊن تي سڀني پارٽين کي خدشا آهن.

حيدرآباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته سڀني پارٽين جو گورنر آهينا ۽ سڀني جماعتن کي مڪاني چونڊن تي خدشا آهن، ايم ڪيو ايم سوال اُٿاريو ته تڪبندين وارو معاملو حل ڪيو وڃي، اهڙي نموني ٻين پارٽين پڻ خدشن جو اظهار ڪيو ان معاملي تي سنڌ سرڪار کي جواب ڏيڻو پوندو .

مڪاني چوندون ٿيڻ گهرجن ۽ اهي ضروري پڻ آهن پر منهنجي پارٽي جو مطالبو رهيو آهي ته مڪاني نظام مضبوط ٿيڻ گهرجي، آدشماري واري مسئلي تي آواز اُٿاريندا رهيا آهيون، چونڊن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ تڪبنديون آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامران ٽيسوري چيو ته هڪ سينيٽر موسٽ جنرل کي چيف بڻايو ويو، اسان جي خوشقسمتي آهي ته قرآن جو حافظ چيف مليو آهي.

معاشي صورتحال جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته معاشي ترقي ۾ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، شرپسندن کي هاڻ گهر وڃڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.