آمريڪي ريپر ڪين ويسٽ جو ٻه هزار چوويهه ۾ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ناليواري آمريڪي ريپر ڪين ويسٽ ٻه هزار چوويهه جي لاءِ آمريڪي صدر لاءِ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪين ويسٽ جيڪو قانوني طور پنهنجو نالو Ye سان مٽائي چڪو آهي سوشل ميڊيا تي صدارتي مهم جي لوگو جي وڊيو جاري ڪئي آهي.

ڪين ويسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڊونلڊ ٽرمپ کي نائب صدر طور سندس مهم جو حصو بڻجڻ جي درخواست  ڪئي آهي.

آمريڪي ريپر اها دعويٰ ان وقت ڪئي جڏهن هو ڊونلڊ ٽرمپ جي فلوريڊا ۾ واقع گالف ڪلب ۾ ويو هو.

ڪين ويسٽ انکان اڳ به ٻه هزار ويهه جي آمريڪي صدارتي چونڊن جو حصو بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ کيس ناڪامي ٿي هئي ۽ هو رڳو ستر هزار ووٽ ئي کڻي سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.