انڌير نگري جي حد، معصوم ٻارڙي سان زيادتي جوابدار کي انوکي سزا، وڊيو وائرل

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت ۾ هڪ جرڳي طرفان معصوم ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار کي اٿ ويهه ڪرڻ جي سزا ڏيڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب بهار جي رياست جي ضلعي نواڊا جي هڪ ڳوٺ جي جرڳائي ڀوتارن(مقامي عدالت) طرفان معصوم ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار کي اٿ ويهه ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اٿ ويهه جي سزا واري جوابدار ڇهه سالن جي ٻارڙي کي چاڪليٽ ڏيڻ جي لالچ ڏئي ويجهي ڪڪڙين جي فارم ۾ وٺي وڃي کيس زيادتي جو نشانو بڻايو.

ٻارڙي کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻائيندڙ جوابدار کي پڪڙي وليج ڪونسل اڳيان پيش ڪيو ويو جتي ڳوٺ جي معبترن فيصلو ڪيو ته جوابدار ٻارڙي کي زيادتي جو نشانو ناهي بڻايو پر کيس اڪيلي جاءِ وٺي وڃڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار کي رڳو اٿ ويهه ڪرڻ جي سزا ڏني وئي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Drunk Journalist (@drunk.journalist)

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار جرڳي ۾ موجود ماڻهن اڳيان اٿ ويهه ڪري رهيو آهي. اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ واهپيدارن طرفان اهو جرڳو ڪندڙن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙي عمل کي انصاف جو قتل قرار ڏنو پيو وڃي.

ٻئي پاسي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي تي نوٽيس وٺندي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي جوابدار خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.