مسجد نبوي صه جي صحن تي ٻارڙِي جي پيدائش

رياض(ويب ڊيسڪ)سعودي هلال احمر اٿارٽي جي شاخ جي ڊاريڪٽر جنرل احمد الزهراڻي موجب ته مسجد نبوي صه جي صحن تي هڪ ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي.

سعودي ميڊيا موجب الحرم جي ايمبولينس سينٽر ۾ مقرر سعودي ريڊ ڪريسنٽ اٿارٽي جي ٽيم ايمرجنسي اطلاع تي ڄاڻايل هنڌ پهتي ته خبر پئي هڪ ڳورهاري عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي.

جنهن کانپوءِ ٽيم عورت کي طبي سهولتون ڏنيون ۽ عورت ٻارڙي کي جنم ڏنو.

انکانپوءِ چيڪ ڪري عورت ۽ ٻارڙي کي باب جبريل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو.

رپورٽ موجب ٽيم ۾ موجود هڪ هيلٿ پريڪٽيشنز جي سهڪار سان ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ وارو عمل ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.