پاڪستان ۾ يوٽيوب شارٽس مان ڪمائي ڪڏهن شروع ٿيندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب تي برانڊڊ مواد کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪراچي ۾ گوگل طرفان يوٽيوب برانڊ ڪاسٽ جي ميزباني ڪئي وئي.

تقريب ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ پاڪستان جي مشهور يوٽيوبرز عرفان جوڻيجو، شاهوير جعفري، فوڊ فيوزن، ڊڪي، معاذ صفدر سميت ڪيترن ئي ويلاگرن ۽ اشتهاري ايجنسين جي نمائندن کي دعوت ڏني وئي.

پاڪستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش لاءِ يوٽيوب جي ڊائريڪٽر فرحان قريشي جو چوڻ آهي ته برانڊ ڪاسٽ هڪ پروجيڪٽ آهي جيڪو يوٽيوب وارن کي برانڊز سان ڳنڍيندو.

پاڪستان ۾ 57 سيڪڙو آبادي انٽرنيٽ استعمال ڪري ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته يوٽيوب پاڪستان ۾ وڊيوز جو مقبول ترين پليٽ فارم آهي ڇو ته ان کي زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو استعمال ڪري رهيا آهن، هن پنهنجي ڳالهه کي واضح ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ 62 سيڪڙو ماڻهو يوٽيوب تي وڊيوز ڏسن ٿا.

يوٽيوب جي سروي موجب پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن مان 76 سيڪڙو ماڻهو ڪجهه نئون سکڻ لاءِ يوٽيوب استعمال ڪندا آهن ۽ ملڪ ۾ 76 سيڪڙو انٽرنيٽ واهپيدار يوٽيوب تي ”منفرد“ مواد ڏسڻ پسند ڪندا آهن.

فرحان قريشي ٻڌايو ته هن سال يوٽيوب تي 0.1 بلين کان وڌيڪ وڊيوز اپ لوڊ ڪيون ويون، جڏهن ته 1.5 بلين يوٽيوب واهپيدار هر مهيني يوٽيوب شارٽ ڏسي رهيا آهن.

تقريب جي ميزباني شاهوير جعفري ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ يوٽيوب ماڻهن کي پنهنجا خيال ۽ فن ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ آمدني جو هڪ ذريعو به آهي.

شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوٽيوب جي پارٽنر ڊولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر مارڪ ليفڪووٽز چيو ته پاڪستان ۾ 110 سيڪڙو کان وڌيڪ يوٽيوب چينل يوٽيوب ذريعي هر مهيني 10 لک رپين کان وڌيڪ ڪمائي رهيا آهن.

ان تقريب ۾ هن پاڪستان ۾ يوٽيوب شارٽس کي مانيٽائيز ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪريئيٽرز پهرين فيبروري 2023ع کان شارٽس ٺاهي پئسا ڪمائي سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.