اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهيان: شيخ رشيخ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه رشيد احمد چيو آهي ته ست مهينن کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سان رابطا بحال ڪرڻ لڳو آهيان.

لال حويلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اڄ نئين صبح، نئين سياست، نئين شروعات جاري آهي جوڊو ڪراٽي جو دور ختم ٿيو، سمورين سياستي پارٽين مون سميت نئين آرمي چيف کي واڌايون ڏنيون آهن.

شيخ رشيد چيو ته عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پسجي رهيو آهي ۽ اسحاق ڊار مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، سڀاڻي  پنڊي ۾ سياست جي نئين تاريخ لکي ويندي، عمران خان اعلان ڪندو ۽ ان تي عمل ٿيندو.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ستن مهينن کان منهنجو اسٽيبلشمينٽ سان رابطو نه هو، مان هاڻي فعال ٿيڻ لڳو آهيان، عمران خان سان گڏ بيٺو آهيان جڏهن ته فوج سياست کان پري ٿيندي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.