مانيٽري پاليسي جو اعلان، اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح وڌائي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پاليسي ريٽ 100 بيسسز پوائنٽس وڌائي  وياج جي شرح 16 سيڪڙو ڪري ڇڏي .

اسٽيٽ بئنڪ پڌرائي موجب اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح هڪ سيڪڙو وڌائي ڇڏي جنهن کانپوءِ 15 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ مسلسل ۽ اميدن کان وڌيڪ آهي، وياج جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جومقصد مهانگائي کي وڌڻ کان روڪڻ آهي.

اسٽيٽ بئنڪ پڌرائي موجب فيصلي جو مقصد مالياتي شعبي جو استحڪام پڻ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.