ليٿم ۽ وليمسن ڀارتي بالرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، پهرين ون ڊي ۾ ڪيوي ٽيم سوڀاري

آڪالينڊ ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت کي ست وڪيٽن تان هارائي 1-0 جي سرسري حاصل ڪري ورتو آهي.

ايڊن پارڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ٽاس کٽي پهريان ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.،

ڀارت پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 306 رنسون ٺاهيون.

شرياس ايئر 80 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو جڏهن ته ڪپتان شيکر ڌون 72 ۽ واشنگٽن سندر 36 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

ڪيوي ٽيم طرفان ٽِم سائوٿي ۽ ليوڪي فرگوسن ٽي، ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ايڊم ملني جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.

307 رنسن جو هدف 47.1 اوورن ۾ پورو ڪري ورتو.

ڪيوي ٽيم طرفان اوپنر فِن ايلن ۽ ڊيون ڪانوي اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٻنهي ترتيبوار 22، 24 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڊيرل مچل يارنهن رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

جنهن بعد ڪپتان ڪين وليمسن ۽ ٽام ليٿم ڪريز تي ڄمي بيهي رهيا ۽ بنا ڪنهن نقصان جي ٽيم کي سوڀ ڏياري.

ٽام ليٿم شاندار سينچري اسڪور ڪندي ڪيريئر جي بهترين اننگز کيڏي ۽ 145 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، ساڻس گڏ ڪين وليمسن پڻ ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي 94 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، ٻنهي ڀارت خلاف چوٿين وڪيٽ جي ڀائيواري جو نئون رڪارڊ پڻ ٺاهيو، ٻنهي وچ ۾ 221 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.

بهترين اننگز تي ٽام ليٿم کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

نيوزيلينڊ ڀارت خلاف  ٻيو ڀيرو ٽي سئو کان مٿي ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ پڻ جوڙي ورتو آهي.

ان ڪاميابي سان گڏوگڏ ڪيوي ٽيم هلندڙ سال دوران گهرو سيريز ۾ سڀ کان وڌيڪ ميچون کٽڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو آهي جن جو انگ 13 آهي.

اڄوڪي ميچ ۾ ڪيوي فاسٽ بالر ٽِم سائوٿي ٻه وڪيٽون پڻ مڪمل ڪري ورتيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.