” آصف زرداري هڪ آمر کي اقتدار مان تڙي ڪڍيو، ڪٺ پتلي کي دربدر ڪيو، هو جهموري سياست جو امام آهي“

اسلام آباد  ( ويب ڊيسڪ ) فواد چوڌري جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بابت تي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري ته هڪ ڪٺ پتلي کي دربدر ڪيو، اوهان ٻڌايو ته ڪهڙي پارٽي ۾ وڃڻ جو ارادو آهي.

فواد چوڌري آصف زرداري جي لاهور ۾ ترسڻ بابت خبر تي ٽوئيٽ ڪئي هئي ته آصف زرداري سنڌ ۾ ٻاهر نٿو نڪري سگهي، پنجاب ۾ سندس ڪهڙي حيثيت آهي.

آصف زرداری نے ایک آمر کو اقتدار سے بے دخل اور کٹھ پتلی کو دربدر کیا، فواد چوہدری بتائیں اب کس پارٹی میں شمولیت کا ارادہ ہے؟ فیصل کریم کنڈی۔ فوٹو فائل

 

فواد چوڌري جي آصف زرداري بابت بيان تي وزيراعظم جي خاص مددگار ۽ پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي ردعمل ڏيندي چيو ته آصف زرداري جهموري سياست جو امام آهي.

زرداری جمہوری سیاست کے امام ہیں، فواد چوہدری کے بیان پر فیصل کنڈی کا ردعمل

فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته آصف زرداري هڪ آمر کي اقتدار مان تڙي ڪڍيو ۽ ڪٺ پتلي کي دربدر ڪيو، فواد چوڌري ٻڌائي ته هاڻي ڪهڙي پارٽيءَ ۾ شموليت جو ارداو آهي؟

هن چيو ته عمران خان کي جڏهن فواد ۽ شاهه محمود جي اصليت پتو پيو ته کين فٽبال بڻائيندو، عمران خان جو ٽاءِ ٽينيڪ ٻڏي رهيو آهي، ڪيئي ماڻهو ٽپو ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.