” باجوا ويندي ويندي 71ع جي شڪست تي بحث ڇيڙي ويو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اينڪر ابصا ڪومل ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ويندي ويندي باجوا صاحب 71ع جي شڪست کي سياسي شڪست  چئي بحث ڇيڙي ويو آهي.

هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت وڌي وئي آهي ته حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي، هن شهيد بينظير ڀٽو جي انٽرويو جو وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي چيو ته بقول محترمه بينظير ڀٽو شهيد، اداري ان وقت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ کان روڪيو هو.

پ پ جي استعيفيٰ ڏيندڙ سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر لکيو ته تاريخ اڳ ئي 71ع بابت فيصلو ڏئي چڪي آهي،جيڪڏهن اڃا به ڪنهن کي شڪ آهي ته حمود الرحمان ڪميشن رپورٽ جاري ڇو نٿا ڪريو،ان کي ڇو روڪي ويٺا آهيو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.