جنرل عاصم منير ڪرپشن خلاف سخت اسٽينڊ وٺندڙ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  سينئر صحافي ۽ اينڪر ڪامران شاهد لکيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ طور جنرل عاصم منير سياست کان پري ۽ ڪرپشن خلاف واضح سوچ رکندڙهو ڀلي ان جا جيڪي به نتيجا نڪرن، هن جي  آرمي چيف جي ڪيريئر دوران انهن سڀني لاءِ ڌچڪو هوندو جيڪي فوج کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين پيا.

صحافي فيض الله خان لکيو ته ميڊيا ۽ سياستدانن کي آرمي چيف جي مقرري مبارڪ هجي، گذارش آهي ته هاڻي 22 ڪروڙ چٿيل عوام جي مسئلن تي آرمي چيف جيتري نه سهي پر ان اشو جي اڌ جيتري ئي ڪوريج فرمايو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.