اسلام آباد ۾ وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا وڌيڪ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. ان دوران شهر ۾ ڪنهن به قسم جي ريلي، جلسي، جلوس  يا احتجاج تي پابندي هوندي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 5 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو ريلي يا جلسي لاءِ ريڊ زون ۾ به گڏ نه ٿيندا. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته قلم 144 ايندڙ سال 23 جنوري تائين لاڳو هوندو، اسلام آباد ۾ اڳ کان لاڳو قلم 144 جي پابندي گذريل شام ختم ٿي هئي. هوڏانهن وفاقي تخت گاهه جي اهم هنڌن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.