حڪومت ۽ اتحادي جنرل عامر کي چيئرمين جوائنٽ چيفس آڻڻ چاهين پيا!

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  عهدو ڇڏيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اعتراف ڪيو ته فوج 70 سالن تائين سياست ڪئي آهي، فوج هاڻي فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي غيرسياسي ٿيڻ کانسواءِ گذارو ناهي.

باخبر صحافي  مطابق عمران خان ساحر شمشاد جي مقرري جو حامي هو، آخري وقت ۾ ساحر شمساد جو نالو لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، سمري ۾ ديري به ان ڪري ٿي  حڪومت ۽ اتحادين جو فيصلو ڪجهه ٻيو هو.

جنرل باجوا کي خبر پئجي وئي هئي ته حڪومت پاران آرمي چيف لاءِ جنرل عاصم منير جو نالو ته پڪو آهي پر چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف لاءِ جنرل ساحر شمشاد لاءِ حڪومت ۽ اتحادي راضي نه هئا، اهي جنرل عامر کي سي جي سي اي بڻائڻ پيا چاهين، ان پٺيان سائنس هئي ته  جيڪڏهن جنرل عامر فور اسٽار جنرل بڻجي وڃي ٿو ته جنرل فيض حميد، جنرل ساحر شمشاد، جنرل اظهر عباس ، جنرل نعمان سپرسيڊ ٿي وڃن ها.

اتحادين ڪجهه ڏيو ڪجهه وٺو بنياد تي سوديبازي ڪئي، انهن جو خيال هو پراجيڪٽ عمران خان آڻيندڙ يا هلائيندڙ سڀ جو سڀ هاڻي گهر وڃن پر جنرل باجوا معاملي جي نزاڪت حڪومت ۽ اتحادين کي سمجهائي، ڪالهوڪي خطاب ۾ هن جي پريشاني واضح هئي.

عمران خان کي استعمال ڪرڻ وارا استعمال ڪري رهيا هئا، جنرل قمر جاويد باجوا جي ڳالهه نه مڃي ها ته هو وڌيڪ استعمال ٿئي ها، عاصم منير بابت تاثر آهي ته هو ننڍن ننڍن معاملن تي پاڪستان جي دستور تي عمل ڪري ٿو.

نوٽ: عمران شفقت جوهي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.