عمران نه پيو چاهي ته جنرل عاصم منير آرمي چيف بڻجي: اينڪر

اسلام آباد(م ڊ) سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار شاهزيب خانزاده چيو آهي ته عمران خان نه پيو چاهي ته عاصم منير نئون آرمي چيف بڻجي،  جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته تحريڪ انصاف ان پوري معاملي کي عاصم منير جي ڪري تڪراري بڻايو، عمران خان چئي چڪو آهي ته هن جو مسئلو اهو ناهي ته ڪير آرمي چيف بڻجي، مسئلو اهو آهي ته عاصم منير نه بڻجي وڃي، هن چيو ته عمران خان عاصم منير کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو، کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ بڻايو، هو 6 مهينا ان عهدي تي رهيو، شاهزيب خانزاده چيو ته پوءِ خبرون آيو ته عاصم منير عمران خان آڏو ثبوت رکيا جيڪي بني گالا ۽ هن جي خاندان بابت هئا ته ڪهڙي قسم جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، هن چيو ته عاصم منير توقع ڪري رهيو هو ته عمران خان ايڪشن کڻندو پر عمران خان جنرل عاصم منير خلاف ايڪشن ورتو ۽ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.