جي ايڇ ڪيو جي اجازت بعد عمران کي هيليڪاپٽر اسلام آباد آڻڻ جي موڪل

اسلام آباد (م ڊ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا تحريڪ انصاف کي ريلي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته جي ايڇ ڪيو  جي اجازت بعد عمران کي هيليڪاپٽر اسلام آباد آڻڻ جي موڪل ڏني وئي آهي. اڳ ۾  پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پريڊ گرائونڊ انتهائي حساس هنڌ آهي، پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر موجود ئي ناهي، 36 شرطن ۽ ضابطن سان مخصوص روٽ ذريعي ريلين کي راولپنڊي پهچڻ جي اجازت هوندي. هوڏانهن اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پارٽي چيئرمين جي صحيح سان شرطن تي ٻڌل حلف نامو اڄ  تائين ڊي سي آفيس ۾ جمع ڪرايو وڃي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته حلف نامو جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اجازت نامو رد سمجهيو ويندو. جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) چيو آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊ ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. جي ايڇ ڪيو چيو آهي ته پريڊ گرائونڊ اسلام آباد انتظاميا جي حدن ۾ آهي، ان کان اجازت گهري وڃي، جي ايڇ ڪيو کي پريڊ گرائونڊ ۾ عمران خان جو هيلي ڪاپٽر لينڊ ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.