واوڊا جي نااهلي پڪي، تاحيات نااهلي کان بچڻ لاءِ معافي وٺي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: (م ڊ) سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا کي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جي سرٽيفڪيٽ سان گڏ طلب  ڪري ورتو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ فيصل واوڊا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت اڳوڻي وزير کي اڄ صبح جو 11 وڳي طلب ڪري ورتو. عدالت فيصل واوڊا کي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ به گڏ آڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس 2 آپشن ڏنا آهن.چيف جسٽس چيو ته فيصل واوڊا پنهنجي غلطي مڃي 63(1) سي جي تحت هو نااهل ٿي ويندو. ٻئي صورت ۾ عدالت 62(1) ايف جي تحت ڪيس ۾ اڳڀرائي ڪندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالت جي سامهون فيصل واوڊا جي تاحيات نااهلي جي لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. فيصل واوڊا اهو مڃي وٺي ته هن ڪوڙو حلفي بيان جمع ڪرايو ته کيس مختصر مدي لاءِ نااهل ڪيو ويندو. جيڪڏهن فيصل واوڊا نٿو مڃي ته هو تاحيات نااهل ٿي ويندو. فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ جي سامهون پيش ٿي چئي ته هن ٻٽي شهريت جي تاريخ تبديل ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.