موٽروي زمين خريداري اسڪينڊل تي 6 ڪميٽيون! نيب ۽ ايف آءِ اي جو اصل امتحان

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) موٽروي زمين خريداري اسڪينڊل ۾ 6،6 ڪميٽيون قائم ٿي چڪيون آهن، نيب اڳ ئي جاچ ڪري رهي آهي، سينئر صحافي ارشاد کوکر جي رپورٽ مطابق سڀ کان پهرين اهو معاملو 14 نومبر تي شروع ٿيو جڏهن چيف سيڪريٽري کي رپورٽ ملي، پهرين فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ۾ رپورٽ ڏني وئي ته سوا ٻه ارب رپين جو گهپلو ٿيو، اينٽي ڪرپشن پهرين جيڪا ڪميٽي بڻائي ان ۾ سربراهه ڄامشوري جي ڊائريڪٽر کي بڻايو ويو پر هو ويچارو ڇا ڪري ها پوءِ وڃي چيئرمين اينٽي ڪرپشن ڊاڪٽر نواز شيخ ، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ۽ ٻين تي مشتمل ڪميٽي ٺهي پوءِ هڪ ڪميٽي گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ بڻي، نوشهروفيروز ۾ به اهو اسڪينڊل سامهون آيو ته اتي به پهرين مظهر الحق جي اڳواڻي ۾ هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي بڻائي وئي، اتي به سجاد حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻي ڪميٽي بڻائي وئي، نوشهروفيروز ۾ اين ايڇ اي 3 ارب 60 ڪروڙ رپين جا فنڊ جاري ڪيا، اهي خرچ ڄاڻايا ويا، فوتي کاتي ۾ فراڊ ڪيا ويا، زمين جي ماليت گهٽ ۽ ادائيگيون وڌيڪ ڄاڻايون ويون، انهن مان به رڳو 16 زميندار مليا ،ڪيترائي ماڻهو چون پيا ته اسان کي پئسا گهٽ مليا، ڪيترن ئي ماڻهن کي پاور آف اٽارني ڏنا ويا، سب رجسٽرار وٽ رجسٽريشن نه ڪئي وئي، اوپن چيڪ مطلب ته فراڊ ئي فراڊ آهي، نوشهروفيروز ۾ هڪ سياسي شخصيت جي سفارش تي ڊي سي تاشفين مقرر ٿيو هو، ان ۾ فالوده ۽ شرب اڪائونٽ جو تعلق آهي، سنڌ حڪومت ان معاملي تي هٿ کڻي ڇڏيا آهن، ايف آءِ اي حيدرآباد کي ليٽر لکيو ويو آهي، جڏهن ته اين ايڇ اي ان معاملي تي ڪل رقم 15 ارب 23 ڪروڙ رپيا جاري ڪئي هئي، جن مان 3 ارب 60 ڪروڙ نوشهروفيروز ۽ چار ارب 9 ڪروڙ مٽيار کي جاري ڪيا ويا، باقي 7 ارب 54 ڪروڙ سکر، خيرپور، حيدراباد، شهيد بينظير آباد، ڄامشورو کي جاري ڪيا ويا، چيف سيڪريٽري باقي ضلعن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرائي اهي پئسا اتي محفوظ پيل آهن، سنڌ بئنڪ جو معاملو مشڪوڪ آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي کي ان جاچ ۾ ڪيترو اسپيس ملندو اهو وڏو سوال آهي، نيب جا پر اڳ ۾ ئي ڪٽيل آهن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اڳ ئي پاڻ ۾ اتحادي آهن

موٽر وي اسڪينڊل جو اهم رڪارڊ هٿ، اڳوڻو ڊي سي مٽياري رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي/حيدرآباد/مٽياري (نمائندن وٽان) حيدرآباد-سکر موٽر وي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جو اهم رڪارڊ هٿ اچي ويو، اڳوڻو ڊي سي مٽياري ٽيون ڀيرو رمانڊ تي پوليس حوالي.مليل ڄاڻ موجب ميگا ڪرپشن اسڪينڊل  جي جاچ لاءِ نوشهروفيروز پهتل جاچ ٽيم ڊي سي آفيس مان اهم رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.جاچ ٽيم ڊي سي آفيس نوشهرو فيروز جي اڪائونٽنٽ، پي اي ۽ ٻين روينيو ملازمن کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گھرايو.جاچ ٽيم سرڪاري زمين جي کاتن بابت رڪارڊ به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، نيشنل بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ کان به رڪارڊ طلب  ڪيو ويو، هن سموري مامري جي جاچ دوران ميڊيا کي ڪوريج کان پري رکيو ويو. هوڏانهن ميگا ڪرپشن اسڪينڊل  ۾ ملوث ڊي سي نوشهروفيروز سميت 4 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ايف آءِ اي نوشهروفيروز جي معطل ڊي سي تاشفين عالم، اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد، اسسٽنٽ ڪمشنر نيو سعيد آباد منصور عباسي ۽ سنڌ بئنڪ جي برانچ مئنيجر مير محمد سهاڳ جا نالا اِي سِي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.ٻئي طرف مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد کي وڌيڪ 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو.پوليس ڊي سي عدنان رشيد کي هٿڪڙيون هڻي اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.اينٽي ڪرپشن عدالت اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان رشيد کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته عدنان رشيد وٽان 12 لک 60 هزار رپيا روڪ ۽ هڪ گاڏي هٿ آئي.اڳوڻي ڊي سي جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته عدنان رشيد تي تشدد ڪيو پيو وڃي.عدالت لمس جي ايم ايس کي حڪم ڏنو ته اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جو ميڊيڪل ڪرائي 30 نومبر تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

ڪرپشن ثابت ٿي ته سياست ڇڏي ڏيندس: مخدوم محبوب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي روينيو کاتي جي وزير  مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته جيڪڏهن  سکر-حيدرآباد موٽر وي اسڪينڊل ۾ پ  پ، مخدوم خاندان يا مٿس هڪ رپئي جي به ڪرپشن ثابت ٿي ته هو نه رڳو وزارت ڇڏيندو پر سياست ئي ڇڏي ڏيندو، سوشل ميڊيا ذريعي ڪردارڪشي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه صوبائي وزير سعيد غني ۽ روينيو کاتي جي سينيئر ميمبر بقاءَ الله انڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان چيو ته 4 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جا سوشل ميڊيا ذريعي الزام لڳايا پيا وڃن، منهنجو هڪ ئي اڪائونٽ آهي، ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، چيڪ ڪريو، هڪ رپئي جي به غلط ٽرانزيڪشن هجي ته جوابده آهيان، باقي سوشل ميڊيا تي منهنجي، خاندان ۽ پ پ خلاف مهم هلائي پئي وڃي، شهرت کي نقصان پهچائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان لاءِ مشورا ڪيون پيا.هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي،جيڪو سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو قانون پاس ڪري رهيو آهي، ان لاءِ ڪم ڪيون پيا، هن چيو ته مٽياري منهنجو ضلعو ۽ پ پ جو قلعو آهي، موٽر وي اشو کي سياسي بڻائي منهنجي خاندان کي ان سان جوڙيو پيو وڃي، وفاق طرفان رکيل رقم جو ڪنهن به صوبائي وزير يا ايم پي اي جو واسطو ناهي هوندو، زمين جي خريد ۽ وڪري جو سمورو ڪم ڊي سي پاڻ ڪندو آهي، معاملي جي جاچ جاري آهي، اسان جي خاندان خلاف ڪو ثبوت هٿ اچي ته اسان جوابده هونداسين،هن چيو ته جاچ جاري آهي، جيڪي به ذميوار هوندا انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، اهو ڪيس ڊگهو هلي سگهي ٿو، اسان اينٽي ڪرپشن توڙي ڪنهن به جاچ آفيسر تي دٻاءُ نه پيا وجهون، هن چيو ته  هڪ خبر هلائي وئي ته مان ملڪ ڇڏي ويو آهيان پر مان هتي اوهان جي سامهون آهيان.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخدوم جميل الزمان ڪو به بيان ناهي ڏنو ته اسان کي پارٽي اندر بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته مون لاءِ ۽ خاندان لاءِ وزارتن جي ڪا به اهميت نه آهي، منهنجي خاندان کي ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم شپ ۽ وزيراعلي جي آفر ٿي پر اسان اهي ٺڪرايا، جيڪڏهن هن اسڪينڊل ۾ هڪ رپيو به ڪرپشن ڪئي هجي ته وزارت ڇا سياست ڇڏي ڏيندس.

2 ارب 14 ڪروڙن جا اوپن چيڪ وڏو فراڊ آهي: مخدوم محسن

مٽياري(عوامي آواز نيوز)پي ٽي آءِ اڳواڻ مخدوم محسن چيو آهي ته مون تي 10 ٻوريون سيمينٽ جون ٻوريون چوري ڪرڻ جو ڪوڙو  ڪيس داخل ڪيو ويو، مخدومن  اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيس ٿيڻ وارا آهن، مٽياري موٽروي زمين خريداري جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، هن چيو ته حليم عادل شيخ ۽ ٻين اڳواڻن سان جيڪو ٿيو اهو توهان جي سامهون آهي، هڪ ويب چئنل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته اسان عمران خان سان گڏ تڏهن شامل ٿياسين جڏهن هن جي حڪومت وڃڻ واري هئي، اسان جي وڏن اسان کي سکيا ڏني ته ڪڏهن به ڪنهن کي طاقت جي وقت ۾ جوائن ڪيو، اسان عمران خان سان ڏکئي وقت ۾ گڏ آهيون، عمران خان ڏکئي وقت ۾ اسان سان به گڏ رهيو، هو پاڻ مڙس ماڻهو آهي، هن چيو ته مٽياري ضلعي ۾ حقيقي اپوزيشن جي کوٽ هئي، اسان اتي متبادل اپوزيشن ڏني آهي، ضلعي جا ماڻهو هڪ پاسي پ پ ته ٻئي پاسي اسان ڏانهن ڏسن ٿا، هن چيو ته ايم اين اي جي 40 ايڪڙ زمين آهي، ٽن سالن جي ڦرلٽ کانپوءِهن پئسو ٺاهيو آهي،  تازو امداد جي پئسن مان هن جو پٽ گاڏي ۽ مهانگي گهڙي وٺي آيو، مون وٽ ثبوت آهن، هاءِ ڪورٽ به وڃان پيو، هن چيو ته اينٽي ڪرپشن موٽروي ڪيس جي جاچ پئي ڪري ان تي بي اعتمادي آهي، هي جميل الزمان يا سنڌ سرڪار جا پئسا ناهن، ان جي جاچ نيب ۽ ايف آءِ اي کي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته حيدراباد ڪراچي موٽروي کي مان موٽروي تسليم ئي نٿو ڪريان، اهو سپرهاءِ وي کي توسيع ڪري ٺاهيوويو، ان جي ڪوالٽي ۽ ڪم تي به اعتراض آهن، هن چيو ته سنڌ سان اها زيادتي نواز ليگ حڪومت ڪئي آهي، روينيو وزير جي آمدني ايتري ناهي، انهن جا فرنٽ مين ضمانتون ڪري ويٺا آهن، 90 ڪروڙ رپيا وٺي ايندڙ مون کي ڇا معاف ڪندو، پ پ قيادت کي انهن کان وضاحت وٺڻ گهرجي، 2 ارب 14 ڪروڙ رپيا غائب ٿيا آهن، 26 ڏينهن اندر اوپن چيڪ جاري ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.