ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ نتيجن خلاف احتجاج، ڪميٽي قائم، جاچ لاءِ 5 ڏينهن مقرر

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ سميت ملڪ ۾ ميڊيڪل ٽيسٽ نتيجن خلاف شاگردن احتجاج ڪيو آهي، جڏهن ته پي ايم سي ڪميٽي قائم ڪندي جاچ پڙتال لاءِ 5 ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جنهن دوران شاگرد ٻيهر  چڪاس لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.  پي ايم سي چيو ته 23 کان 27 نومبر جاچ جا ڏهاڙا آهن. هوڏانهن شاگردن جي احتجاج دوران ايم ڪيو ايم بحالي ڪميٽي سربراهه فاروق ستار به پهچي ويو. فاروق ستار چيو ته ٻارن سان ناانصافي ٿي آهي، پيپر نصاب کان ٻاهر آهي، ٻارن جو ساٿ ڏيندس. فاروق ستار ٻڌايو ته وي سي يقين ڏياريو آهي ته 44 هزار شاگردن جون ڪاپيون مينيوئل چڪاس ڪيون وينديون ۽ پي ايم سي جي اجازت سان پيپر پبلڪ ڪنداسين. هوڏانهن پي ايم سي چيو پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن(پي ايم  سي) ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي ٻيهر جاچ لاءِ 5 ڏينهن مختص ڪيا آهن. پي ايم سي جو چوڻ آهي ته ايم ڊي ڪيٽ امتحان 2022 جي ٻيهر جاچ 23 کان 27 نومبر تائين ٿيندي. پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان منعقد ڪندڙ يونيورسٽيون 5 ڏينهن کليل رهنديون، شاگرد ٻيهر چيڪنگ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا. پي ايم سي موجب امتحان جي نتيجي ۾ غلطي يا ڪوتاهي جي صورت ۾ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، شاگردن کي اپيل آهي ته هو لاڳاپيل يونيورسٽيز سان رابطو ڪن. واضح رهي ته ميڊيڪل يونيورسٽيز جن وٽ وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ جو تجربو نه هيو ٽيسٽنگ اداري کان ٽيسٽ ڪرائڻ گهرن پيون پر پي ايم سي انهن ٽيسٽنگ ادارن کي روڪي پاڻ ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.