عاصم منير جي آرمي چيف طور مقرري اڱاري کان شروع

اسلام آباد (م ڊ)  صدر مملڪت عارف علوي سيد عاصم منير ۽ ساحر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي تي ترقي ڏئي ڇڏي.ايوان صدر موجب جنرل سيد عاصم منير جي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري جو عمل 29 نومبر کان  شروع ٿيندو.ايوان صدر موجب جنرل ساحر شمشاد مرزا جي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي طور مقرري 27 نومبر کان ٿيندي.ايوان صدر موجب نئين آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ۽ نئين چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ساحر شمشاد مرزا صدر عارف علوي سان الڳ الڳ ملاقات به ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.