آرمي چيف معاملي تي 8 مهينا ضايع ڪيا، هاڻي معيشت تي ڌيان ڏيڻو پوندو: معاشي ماهر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سينئر صحافي سليم صافي چيوآهي  ته صدر علوي وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه هو، هن ڪهڙي مجبوري سان صحيح ڪئي پر معاملو حل ٿي ويو،آرمي چيف جي مقرري تي ملڪ جي سموري سياسي قيادت جو اتفاق ٿيو آهي، ن ليگ هن ڀيري سينئر موسٽ کي چونڊيو آهي، عمران  خان غيرضروري طور عمران خان سان ملاقات ڪرڻ ويو.

هن چيو ته آرمي چيف کي پوري قوم جو سپاهي هئڻ گهرجي، اسان هن مان اميد ڪنداسين ته ڪنهن پارٽي جو چيف بڻجڻ بدران پوري قوم جو چيف بڻجندو، هن چيو ته جيڪي افواهه پکيڙيا پيا وڃن، اهي دم ٽوڙي ويا، هن چيو ته نئين فوجي قيادت کي به گهرجي ته جيڪا ڪمٽمينٽ فيبروري ۾ ڪئي ان تي پورو لهي.

سينئر صحافي حامد مير چيو ته مون اڳ ئي چيو هو ته عارف علوي لاهور ويو آهي ته ڪو مسئلو ناهي، عمران خان ٻڌائڻ چاهي پيو ته توهان آرمي چيف مقرري لاءِ لنڊن وڃي سگهو ٿا ته اسان جو صدر به اسان سان ملڻ لاهور اچي سگهي ٿو، هيجان جوشڪار جيڪي ماڻهو هئا انهن کي سوچڻ گهرجي ته ڪيئن اهي ننڍين ننڍين ڳالهين تي مونجهاري جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

صحافي انصار عباسي چيو ته مون وٽ اطلاع هئا ته صدر جهاز ذريعي لاهور ويندو پر هو ڪو مسئلو پيدا نه ڪندو، اصل مقصد فوج لاءِ هو، جيڪو پيغام هو ته عمران خان کي نئين آرمي چيف مقرري تي ڪو به اعتراض ناهي، ڇو ته عمران خان جو فوج سان بدترين ٽڪراءُ هو، پي ٽي آءِ پاران اهو ڊيميج ڪنٽرول هو، عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏيڻو هو، پوري دنيا لاءِ اهو پيغام آهي ته سمورن سياستدانن اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو فوج سان جهيڙو هاڻي ماضي جو قصو بڻجي ويو، هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پورو پاڪستان پريشان هو،معيشت، سياستدان، ميڊيا پريشان هئي.

اينڪر شاهزيب خانزاده چيو ته ملڪ جون حالتون اڳ ئي خراب هيون، آرمي چيف مقرري معاملي تي غيريقيني صورتحال هئي، ان صورتحال جي ذميوار حڪومت به آهي، حڪومت گهڻي دير ڪئي، معاشي صورتحال تي اثر پيا، ملڪ جا معاشي مسئلا سياسي حالتن جي ڪري هئا، عمران خان کي حق آهي ته لانگ مارچ ڪري، ڌرڻو هڻي پر هو اهو مطالبو جي ايڇ ڪيو يا نئين آرمي چيف سان مداخلت جا مطالبا نه ڪري، حڪومت خلاف ڀرپور احتجاج ڪري سگهي ٿو، حڪومت کي ئي پارليامينٽ اندر يا ٻاهر اليڪشن لاءِ مجبور ڪري.

هن چيو ته خان صاحب جيڪڏهن چاهي ٿو ته حڪومت ڪري ته پوءِ آئين تحت ڪري، هو جي ايڇ ڪيو ڏانهن ڏسڻ بند ڪري، هن چيو ته عمران خان جيڪي چاهيو پئي انهن سڀني ڳالهين ۾ ناڪام ويو، هن چيو ته هاڻي نئون چئلينج اهو آهي ته نه رڳو عسڪري قيادت مداخلت نه ڪري بلڪه ڪو عمران خان کي به سمجهائي ته نيوٽرل رهڻ غيرآئيني ناهي بلڪه مداخلت غيرآئيني هوندي آهي.

صحافي ارشاد ڀٽي چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال تمام خراب آهي، نفرتون وڌي ويون آهن، ان صورتحال ۾ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي ڪلهن تي ذميواريون وڌي ويون آهن، عمران خان عقل کان ڪم ورتو، اها هڪ سٺي شروعات آهي.

صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته عمران کي  راولپنڊي ڏانهن ڏسڻ جو حق ناهي، اسلام آباد جا فيصلا اسلام آباد ۾ ٿيڻ گهرجن، عمران خان کي وقت جو آواز ٻڌڻ گهرجي، اليڪشن جي تاريخ لاءِ عمران خان کي حڪومت ڏانهن ئي ڏسڻو پوندو، خان صاحب جي فوج کي هدف بڻائڻ جا نتيجا نه نڪتا، فوج سان ٽڪر کائيندڙ پارٽي نقصان ۾ ويندي آهي، حامد مير چيو ته ڪجهه ماڻهو ذاتي طور تي عمران خان سان رابطي ۾ هئا، جنرل باجوا اعتراف ڪيو ته هو پرائيوٽلي عمران خان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، نئون چيف ته عمران خان سان اهڙا ذاتي رابطا نه رکندو، هاڻي هن وٽ ڪجهه ناهي، هاڻي عمران خان وٽ اينٽي آمريڪا يا اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيو ناهي.

ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين ۽ معاشي ماهر شبر زيدي ٽوئيٽ ڪيو ته اسان آرمي چيف معاملي تي 7 کان 8 مهينا ضايع ڪيا، هاڻي ادارن کي پنهنجو لاڳاپيل ڪم ڪرڻ ڏيو، پاڪستانين کي رڳو پنهنجي معيشت ۾ دلچسپي هئڻ گهرجي، ڇو ته اسان اڳ ئي 75 سال ضايع ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته اسان خطي جي ٻين ملڪن کان پٺتي ٿي ويا آهيون.

صحافي فيض الله خان ٽوئيٽر تي لکيو ته جنرل عاصم منير جيڪڏهن لاپتا ماڻهن جو معاملو ڪرڻ سان گڏ سياسي عمل ۾ فوج جي مداخلت ختم ڪري پارليامينٽ کي طاقتور بڻائڻ ۾ رڪاوٽ نٿو وجهي ته اهو پاڪستان جو حقيقي ترقي ڏانهن پهريون قدم هوندو.

صبوخ سيد لکيو ته اميد ۽ يقين آهي ته جنرل عاصم منير منصب سنڀالڻ بعد سڀ کان پهرين لاپتا ماڻهن جو معاملو قانوني ڪندو، ٻيو فوج کي سياسي عمل کان مڪمل طور تي بيدخل ۽ لاتعلق ڪري شهرين ۽ فوج وچ ۾ محبت ۽ احترام جو رشتو وڌيڪ بهتر بڻائيندو. 

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.