صدر علوي سان ڳالهين دوران عمران کي فون، اڳواڻ هڪا ٻڪا

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  لاهور جي زمان پارڪ ۾ صدر عارف علوي ۽ عمران خان ۾ ملاقات دوران هڪ ٽيليفون اچڻ تي هڪدم خاموشي پکڙجي وئي ۽ صدر علوي، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ اسد عمر هڪا ٻڪا ٿي عمران خان جي پريشان چهري کي ڏسندا رهيا.

نامياري صحافي موجب جڏهن آءِ ايس آءِ  جو ڊي جي اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس پهتو ته ٻئي طرف عين ان وقت پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي عمران خان کي فون ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وڌيڪ اهم معاملي سان کيڏڻ باهه سان کيڏڻ  آهي. جيڪڏهن اوهان کيڏڻ چاهيو ٿا ته پنهنجا رستا الڳ ٿي ويندا.

عمران خان فون ٻڌندو رهيو ۽ صدر عارف علوي ۽ ٻيا اڳواڻ عمران خان جي هڪدم پريشان ٿي ويل چهري کي خاموشيءَ  سان ڏسندا رهيا. ان کانپوءِ فواد چوڌري ميڊيا آڏو آيو ۽ ڪجهه سيڪنڊن ۾ اهو چئي هليو ويو ته ملاقات جي تفصيلن بابت ايوان صدر مان پريس رليز  جاري ٿيندي.

نوٽ: معظم فخرجوهي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.