عمران اعلان مطابق اهم مقرريءَ تي کيڏي نه سگهيو، پريشان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جيان صدر عارف علوي به عمران خان کي آرمي چيف جي اهم مقرري تي کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان ڪري عمران خان اعلان مطابق اهم مقرريءَ تي  کيڏي نه سگهيو.

ان سلسلي ۾ نامياري صحافي عاصمه شيرازي به تصديق ڪئي ته اسان جي ذريعن مطابق صدر عارف  علوي کي عمران خان سمري روڪي رکڻ ۽ صحيح نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر صدر عارف علوي زمان پارڪ کان ايوان صدر پهچڻ شرط نئين آرمي چيف سيد عاصم منير جي مقرري واري سمريءَ صحيح ڪري ڇڏي.

سوشل ميڊيا  تي تبصرا ٿي رهيا آهن ته عمران خان کي آرمي چيف جي مقري تڪراري بڻائڻ ۾ تاريخي ناڪاميءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.