اداري کي سياست کان پري رکڻ وڏو چئلينج

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ)  هائبرڊ نام نهاد سياسي پارٽي تڏا ويڙهه طرف  وڌڻ شروع ٿي آهي، ڇو ته جن اها نام نهاد پارٽي ميدان تي لاٿي  هئي اهي هٿ ڪڍي ويا آهن.

ٻيو ته عمران خان جي  ” يوٽرن “ پاليسيءَ  به پي ٽي آءِ کي ناڪامين سان هم ڪنار ڪيو آهي. ڇو ته جنهن اداري هائبرڊ پارٽيءَ  جي آبياري  پئي ڪئي ان اداري به غلطيءَ  جو اعتراف ڪندي  سياست  ۾ مداخلت نه ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. ان ڪري نئين سپهه سالار لاءِ به وڏو چئلينج اهو آهي ته اداري کي سياسي معاملن کان پري رکي، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن  اداري مان سياسي مخبرن جو صفايو ڪيو وڃي.

ملڪ جا سياسي ۽ معاشي معاملا سياستدانن کي حل ڪرڻ ڏنا وڃن ان سان ملڪي ترقي ممڪن آهي. ٻي صورت ۾ هائبرڊ پارٽيون ٺاهڻ ۽  پيراشوٽر سياستدان  جي نالي ۾ ميدان تي آڻڻ سان ملڪ کي نقصان ئي پهچندو جيڪو تجربي مان ثابت به ٿي چڪو آهي. نئين عزم  ۽ جمهوري سوچ سان اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز جمعو 22-11-25 تي شايع ٿيو 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.