اميد ته نئين قيادت جمهوريت لاءِ ڪردار ادا ڪندي: فواد چوڌري

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته فوج جي سربراهه جي مقرري جي ڏس ۾ صدر مملڪت جي پڌرائي اچي چڪي، صدر مملڪت جيڪو قدم کنيو عمران خان جي مڪمل حمايت سان کنيو، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته گذريل 8 مهينن ۾ جيڪي قدم کنيا ويا انهن سان ملڪ کي نقصان پهتو، عمران کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوششن سان ملڪ کي نقصان پهتو، هن چيو ته اميد آهي ته نئين فوجي قيادت ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ ڪردار ادا ڪندي، نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف کي مبارڪباد ڏيون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.