اٽلي جو وفد موهين جي دڙي پهتو، آثارڏسي حيرت جو اظهار

ڏوڪري (ن ع آ) اٽلي جو پرڏيهي  وفد مس ماريه جي اڳواڻي ۾  سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو ۽ مختلف ايرياز ڊي ڪي  ايريا،ايڇ آر،اسٽوپا گريٿ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا.ان موقعي تي اٽلي  جي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس ماريه جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو هن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو،هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي.پرڏيهي وفد جي سيڪورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي جڏھن ته موهن جي دڙي تي پرائيويٽ گائيڊ ارشاد سولنگي موهن جي دڙي جي متعلق بريفنگ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.