خوراڪ کاتي خيرپور جي لاپرواهي، 2 لک ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ جو خدشو

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)گذريل برساتن ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ آفيسر ۽ 9 فوڊ آفيسرن جي نااهلي سبب 2لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿيڻ جو خدشو ظاهر ٿي ويو آهي ان سلسلي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته  خيرپور ضلعي جي 9 فوڊ سينٽرن جنهن ۾ خيرپور،ٽنڊومستي ،ڊرٻ ميهر شاھ،هنڱورجا،راڻيپور،اڪري،سيٺارجا،ڪوٽڏيجي ۽ گمبٽ سميت 9 فوڊ سينٽرن تي 6 لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جو ٻوريو پيل هيون جيڪي کليل آسمان ۽ تباھ ٿيل فوڊ کاتي جي بلڊنگ ۾ پيل هيون جيڪي نيڪال ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي برسات پوڻ سبب 2لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿي ويون جڏهن ته خراب ٿيڻ جو سبب ڏيکاري فوڊ کاتي جي فوڊ آفيسر ۽ فوڊ انسپيڪٽر ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ جي لوڪل واپارين کي برسات کان بچي ويل 1 لک کان وڌيڪ ڪڻڪ جو ٻوريون رات جي پيٽ ۾ لوڪل واپارين کي ضامن وٺي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيون آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت کي هڪ ليٽر جاري ڪندي جنهن ۾ فوڊ کاتي ڄاڻايو آهي ته برساتن ۾ 3 لک ٻوريون خراب ٿي ويون آهن ۽ هزارين مڻ ڪڻڪ بدبو دار ٿي وئي آهي جڏهن ته ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيڻ باوجود به خوراڪ کاتي جي اعليٰ عملدارن هن محل تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو ۽ نه وري بچي ويل ڪڻڪ کي جيت جڻي ۽ خراب ٿيڻ کان محفوظ ڪرڻ لاء ڪي به اپاء نه ورتا ويا آهن جنهن سبب وڌيڪ ڪڻڪ جو خراب ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.