اسلام ڪوٽ لڳ گهرو اڻبڻت تان نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو

اسلام ڪوٽ(ت،ر)اسلام ڪوٽ ڀرسان گهرو ڪم ڪار تان ناراض ٿي نوجوان ناري آپگهات ڪري ڇڏيو،ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا ۾ 20  ورهين  جي غير شادي شده نوجوان ناري  سيتا ڌي ڦوٽو ميگهواڙ  گهر جي  اندر بيٺل وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگي جو  انت آڻي ڇڏيو،اطلاع تي پوليس  پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي  لاءِ اسلام ڪوٽ جي سرڪاري  اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد فوتي ناري جو لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو،انهي سلسلي ۾ پوليس موجب ناري گهرو ڪم تان مائيٽن سان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.