ٿر ۾ فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف مارچ ۽ احتجاج

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)  سنڌي هاري ڪاميٽي پاران ٿر جي مختلف مسئلن خلاف مٺي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اُنهي سلسلي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي،سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻن  ڪامريڊ ڏامرومل،ڪامريڊ اقبال،ضلعي صدر ڪامريڊ ديال،ڪامريڊ ڏامرومل،ڪامريڊ آتم ۽ ٻين جي اڳواڻي اڳواڻن ريلي ڪڍي،ريلي پريس ڪلب مٺي کان شروع ٿي جيڪا ڪشمير چوڪ کان ٿيندي ڊي سي ۽ ايس ايس پي آفيس مٺي تائين لانگ مارچ جي صورت ۾ پهتي،جتي ڊي سي ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو الڳ الڳ ڌرڻا هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو،اڳواڻن چيو ته ضلعي ٿرپارڪر ۾ سنڌ جي سونهن ۽ قومي ورثي ڪارونجهر سميت وڻن واڍي،ڪونڀي جي ڍاڻي ۾ ڪونڀٽن جي غير قانوني ڪٽائي کي روڪي،60 ڪونڀٽن جي ڪٽائي ڪندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي،ٿر ۾ لٿل فصل جو اگھ جا اگھ مقرر ڪيا وڃن،گوار 7000 روپيا مڻ،ٻاجهر 4000 روپيا،مڱ 8000 روپيا،تر 12000 روپيا،موٺ 6000 روپيا ۽ ڪريون 8000 روپيا في مڻ مقرر ڪري هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي قرضدار بڻجڻ کان بچايو وڃي،ٿر جي غريب ماروئڙن سان علائقي جي بااثر وڏيرن طرفان ٿيندڙ زيادتين کي روڪي ملڪ جي ٻين شهرين جي برابر باعزت ۽ بي خوف زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته آسو ڀيل جي ڍاڻي ۾ ڳوٺ جي چوڌاري غيرقانوني گئوچر زمين آباد ڪري ٻاهر نڪرڻ جا رستا بند ڪري ايستائين جو 2 ڪلو ميٽر پري پڪي روڊ تائين ڊليوري ڪيسن ۽ مريضن کي جهولي ۾ کڻڻ ۽ گهوٽ کي پيادل وڃڻ جهڙي ظلم خلاف مختيار ڪار اسلام ڪوٽ کان ڊي سي مٺي تائين دانهون ڪرڻ ۽ مظاهرا ڪرڻ باوجود اڄ تائين ڪابه داد رسي نه ٿي آهي،ڳوٺ مٺاتڙ جي نول مينگهواڙ کي پنهنجي ٻني ۾ قاتلاڻو حملو ڪري مارڪٽ ڪندڙ ۽ موت مار ڌمڪيون ڏيندڙ ارشد،جانو،برڪت ۽ بلال خلاف ايس ايڇ او ڇاڇرو کي بار بار دانهون ڏيڻ باوجود داد رسي ڪرڻ بدران جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ٻن مهينن تائين ڪابه قانوني ڪارروائي نه ڪئي آهي،هنن چيو ته ڳوٺ مئو جي منيش مينگهواڙ تي ڳوٺ جي ٺڪرن حاڪم،هيرو،گينو،هرو ۽ ٻين طرفان بدترين تشدد جو نشانو بڻائيندي اک کي نقصان رسائڻ ۽ ٻانهن ٽوڙڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ ضمانت رد ٿيڻ باوجود پوليس رشوت وٺي ڏوهارين کي گرفتار نه ڪيو آهي،جيڪي مسلسل موت مار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن،ان کان سواءِ ڦانگهاريو ۾ آر او پلانٽ جون سولر پليٽون چوري ڪري ڳوٺ کي پاڻي کان محروم ڪندڙ چورن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي،غير مسلم نابالغ نياڻين جي زوري اغوا،جسماني ۽ ذهني تشدد،گئوچرن سميت غريبن جي زمينن ۽ پلاٽن تي قبضا،وياج خوري،منشیات،چورين، ٿرڪول جي مقامي ماڻهن سان ٻه اکيائي،قانون ۽ انساني حقن جي لتاڙ سميت ٿرپارڪر ۾ غريبن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ زيادتين جا اِهي چند مثال آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.