ميرپور ساڪري جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ تي پابندي

ڌاٻيجي (ن ع آ)  تعلقي ساڪري اندر خانگي اسڪولن جي انتظاميا سنڌ حڪومت جي حڪم کي ٿڏيندي سنڌي قومي ٻولي پڙھائڻ تي پابندي مڙھي ڪري نجي اسڪولن کي نجي ڪارخانن جيان هلائڻ لڳي، ان موقعي  تي هتان جي رهواسين اصغرچانڊيو، غلام حسين پنهور، مصطفي ساريو، شاهد سمون ۽ ٻين چيو ته هتان  جا مقامي وڏيرا ۽ چونڊيل نمائندا ملي ڀگت ڪري   هٿ وٺي ڪري هتان جي سنڌي تعليم کي مڪمل طور تي هڪ سازش تحت  تباھ ڪري رهيا  آهن هنن مطالبو ڪيو ته  فوري طور تي بند ڪيل سرڪاري اسڪول کولرائي ڪري سنڌي ٻولي نه پڙهائيندڙ نجي  اسڪولن جا لائسن رد ڪري انهن  اسڪولن تي پابندي مڙھي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.