ڪراچي مان گم ڪيل خيرپور واسي نوجوان جو پتو نه پيو، احتجاج

خيرپور( ڊ ر )ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد خيرپور ڀرسان ٺيڙھي جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن جو ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان پورهيت عبدالغفار مرکنڊ کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو جنهن جي  اڳواڻي محمد اعظم مرکنڊ مسمات صفيا مسمات عظمان مسمات آسيه ۽ ٻيا ڪري رھيا هئا جن صحافين کي ٻڌايو ته نوجوان پورهيت عبدالغفار مرکنڊ کي 15 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان نامعلوم ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آھن عبدالغفار ڪراچي ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو جنهن کي نامعلوم ھٿيار بند اغوا ڪري ويا آهن 15 ڏينهن گذرڻ باوجود سندس ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي نوجوان پورهيت جي وارثن آء جي سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پورهيت عبدالغفار مرکنڊ کي بازياب ڪرايو وڃي جئين وارثن ۾ ڦھليل بيچيني ختم ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.