سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ٽنڊوآدم ۾ ريلي، احتجاج

ٽنڊو آدم (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڌارين جي نيڪالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ٽنڊو آدم ۾ لطيف گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ستار رند، راڻو ڪنڊاڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ پريمي ڀيل، زيبل النساء لغاري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هوش محمد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. محمد علي چوڪ تي ريلي پهچندي جلسه عام جي صورت اختيار ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن سنڌي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪري پنھنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. ٻوڏ جي ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اين ڊي ايم اي جھڙي ڪرپٽ ترين اداري کي ذميوار رکيو ويو آھي جنھن کاءُ ڙي وتايا کاءُ واري ڪرت ڪري سمورو مال سنڌ جي وڏيرن ۽ ڪامورن سان گڏجي سڏجي کاڌو جڏھن تھ ٻوڏ متاثر بک وگھي مري رھيا آھن سنڌ جي غريب مسڪين ماڻھن کي اٽي کان محروم ڪري کين بک وگھي مارايو آھي تھ ٻي طرف وري پرڏيھين جون لوڌون آڻي انھن کي ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ مستقل آباد ڪرڻ لاءِ جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪري، ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھي سنڌ واسين جي حقن تي ڌاڙو ھنيو آھي ان سان گڏ زراعت ۽ عوام جي ٿيل ٻئي مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.