ميھڙ: ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميهڙ (ن ع آ) ميھڙ تعلقي جي مختلف ڳوٺن مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ سميت يونين ڪائونسل قاضي عارف جي ٻوڏ متاثرين جي واھر  نه ٿيڻ خلاف قاضي عارف، ٿڦڻ، فقير محمد پيرزادو، ڳوٺ ڄام جوڳرو، ڳوٺ ولي محمد پنھور ، صوبدار پنجابي، سھاڳ، ٻاڙيا پنھور، آڍاڻي، احمد خان چانڊيو، کوندي جي ڳوٺاڻن يعقوب مھيسر، لياقت ڪمانگر، وڏيرو سرفراز مھيسر، رائيس ملز ايسوسيئشن ۽ شھري اتحاد ميھڙ جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، علي گل ڀٽي، شمس الدين چانڊيو، امداد جوڳرو،  محمد جوڳرو، رمضان سوڍر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ميھڙ انڊس ھاءِ وي تي تي اٽڪ پمپ وٽ ڌرڻو ھنيو، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، مظاھرين دانھيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب اسان جي ڳوٺن ۾ وڏي تباھي ٿي، گھر ۽ چوپايو مال لڙھي ويو فصل تباهه ٿي ويو آھي. ھن وقت تائين چونڊيل نمائندا توڙي وڏيرا ۽ انتظاميا سندن لڙي نه آيا آھن. اسان کي نه راشن ڏنو ويو آھي ۽ ته وري ٽينٽ ڏنا ويا آھن. سردي جي موسم ۾ اسان آسمان ھيٺ ويٺا آھيون. ھنن چيو ته ھن وقت تائين ڳوٺن جي سروي به مڪمل نه ڪرائي وئي آھي جيڪو سراسر ظلم آھي ۽ ميھڙ تعلقي جي سوين ڳوٺن مان ھن وقت تائين ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب ڪيترن ئي بيمارين جنم ورتو آھن. ھنن گھر ڪئي آھي ته خدا واسطي مسڪين ماروئڙن سان انصاف ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.