مهيسرو لڳ سي پيڪ بائونڊري وال تي لڳل تارون چوري نه رڪي

مھيسرو ( رپورٽ : طفيل آفتاب ڪورائي ) مھيسرو ڀرسان سي پيڪ بائونڊري وال کي لڳل خاردار تارون چوري ٿيڻ جو سلسلو رُڪجي نه  سگهيو،ڳوٺ بخشو سيلرو، پير بخش ملڪ، صاحب خان ڪورائي سميت ڪيترن ئي ھنڌن تان  چور رات جي وقت سي پيڪ بائونڊري وال جون تارون چوري ڪري ويا، سي پيڪ جي پُلھَن وٽ پوليس پِڪٽون نه ھجڻ ڪري چور با آساني چوري ڪري وڃن ٿا:ڳوٺاڻا، بائونڊري وال کي تارون نه ھجڻ ڪري پالتو جانور روڊ تي ھليا وڃن ٿا، تنھنڪري ڪھڙي به وقت مسافر گاڏين سان جي ڪو حادثو پيش اچي سگھي ٿو، سي پيڪ انتظاميه جي گهرجي ته تارون چورن خلاف ڪارروائي ڪري ته  جئين ڪنھن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.