سن ۾ بدامني، 3 دڪانن کي کاٽ، لکين رپين جي چوري

مانجهند (ن ع آ) قومپرست سياست جي مرڪز سن شھر ۾ بدامني اوج تي پهچي وئي، چورن پاران غلام عباس انصاري جي دڪان جا تالا ٽوڙي 4  لکن جي ماليت جون موبائل فونون ۽ روڪ رقم چوري ڪئي، جڏھن ته وقار ڪانڌڙي ۽ سيد ڄام شاهه جي دڪانن جون ڇتيون ٽوڙي 3 لکن جو سامان چورائي فرار ٿي ويا. هوڏانهن پوليس  رمضان دايو سميت ٻن چوڪيدارن کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪئي. شهر جي ساڃاهه وندن بدامني تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سميت امن بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.