حيدرآباد ۾بد امني، سانگهڙ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات کان ڦر

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڏوهن تي ضابطو نه آيو، سانگهڙ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر، اين ايس داخل،  صحافين پاران واقعي جي مذمت. ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سانگھڙ ۽ حيدرآباد واسي ظفرعلي منگي کان قاسم آباد جي اي ٽي ايم تان  چاليھ ھزار روڪـ ۽ موبائيل فون ڦر. ايم سي بي بينڪ نسيم نگر برانچ جي اي ٽي ايم تان ظفر منگي خميس رات دير سان رقم ڪڍرائڻ دوران ٻن ڦورن اي ٽي ايم اندر داخل ٿي، پسٽل جي زور تي کيس يرغمال بڻائي چاليھ ھزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اھڙي واقعي جي رپورٽ قاسم آباد ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي آھي. حيدرآباد جي صحافين ڦر واقعي جي مذمت ڪندي ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس پي حيدرآباد کان گهر ڪئي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات سانگھڙ ۽ حيدرآباد واسي ظفرعلي منگي کان ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪري شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.