ڪنب ۾ڳوٺاڻن جو اسڪول مان پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڪنب (ن ع آ)  يوسي جسڪاڻي جي بوائز اسڪول جسڪاڻي ۾ ٽن مهينن کان  برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ ڪري شاگردن جو مستقبل دائو تي لڳل آھي اسڪول مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف اسڪول جي استادن ڳوٺاڻن ۽ شاگردن پاران استاد ذاڪرحسين سولنگي استادغلام علي وساڻ ڳوٺاڻن سليم جسڪاڻي علي داد پلھ جي اڳواڻي ۾ اسڪول جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندي هنن چيو ته ٽن مهينن کان اسڪول ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي جنهن سبب اسڪول عمارت بند هجڻ ڪري شاگردن جي تعليم تباه ٿئي پئي جڏهن ته مسلسل متاثر ٿيڻ ڪري اسڪول جا ڪلاس ايويننگ شفٽ ۾ گرلس پرائمري اسڪول ۾ مجبوري ۾ هلن پيا جتي ڪلاس روم گهٽ هجڻ ڪري 9 ڪلاسن بجاء ٽن ڪلاسن ۾ گڏائي ڪلاس هلايون پيا جنهن سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت پريشاني ڏسڻي پوي ٿي هنن چيو ته هن وقت تائين تعليم کاتي جي اختيارين پاران اسڪول مان پاڻي ڪڍرائڻ لاء ڪي به قدم ناهن کنيا ويا۔هنن وزيرتعليم سردار شاه صوبائي صلاحڪار منظورحسين وسان حاجي نواب خان وساڻ ايم اين اي سيده نفيساشاه جيلاني کان اسڪول مان پاڻي ڪڍرائي اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون ٻيهر بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.