نوجوان جا قاتل گرفتار ڪيو، سڪرنڊ ٿاڻي اڳيان وارثن جو ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مير عيوض انڙ ۾ 25 ڏينھن اڳ بي درديءَ سان قتل ٿيل نوجوان محمد شريف انڙ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سڪرنڊ پوليس اران گرفتار نه ڪرڻ خلاف  ڳوٺاڻن سڪرنڊ ٿاڻي آڏو احتجاج  ڪندي پوليس خلاف نعري بازي ڪئي وئي، قتل ٿيل نوجوان جي امڙ پاران اڀ ڏاريندڙ دانھون قتل ۾ ملوث جوابدرن جي گرفتاري لاء دانھون ڪندي بيھوش  ٿي وئي، احتجاج ڪندڙ لياقت انڙ، نياز حسين انڙ، ۽ قتل ٿيل نوجوان جي امڙ، ڀيڻ ۽ ٻين گھر ڀاتين چيو ته اسان جي ڳڀرو نوجوان محمد شريف انڙ کي بيدرديءَ سان زمين جي تڪرار تان قتل ڪيو ويو، سڪرنڊ پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار نه ڪيو آھي ھنن چيو ته اڄ روپوش جوابدار غلام حسين ، رسول بخش ، احمد ، راحب ، محمد حنيف ۽ بااثر چنڱل خان  سميت ٻين ھٿيارن بندن اڄ وري اسان جي گھرن حملو ڪري ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن آءِ جي سنڌ ، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وسوارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي جانين کي خطرو آھي، اسان کي تحفظ فراھم ڪري نوجوان جاقاتل گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.