پروين شاڪر، آمر ضياءُ کي شاعري وسيلي للڪار ڪئي: صادق لاکو

ٺٽو(ڊ ر) پروين شاڪر ترقي پسند لبرل ۽ عورت جي  نفيس جذبن ۽ احساسن جي نمائنده شاعره ھئي ھن وقت ترقي پسند، لبرل ۽ صوفياڻي جي سوچ ۽ فڪر جي پيروڪارن  کي شديد خطرا لاحق آھن ان لاءِ ضروري آھي ته اھي  پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد ڪري ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي قيام  ۽ ملڪي اڪائين جي حقن لاءِ جدوجھد تيز ڪن. اهڙيون ڳالهيون سنڌ ڪلچرل فورم سنڌ جي چيئرمين صادق لاکو، پريس ڪلب  ٺٽي ۾ سنڌ ڪلچرل فورم طرفان ننڍي کنڊ ۾ اردو زبان جي بيباڪ شاعره پروين شاڪر جي 70ھين سالگره جي ڪيڪ ڪٽڻ واري تقريب ۾ خطاب ڪندي چئي،ھن چيو ته پروين شاڪر عورت ھوندي به مرد ليکڪن کان وڌيڪ بھادر ھوندي ھئي، ھن ضيائي آمريت واري گھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول۾ به پنھنجي سوچن ۽ خيالن  جو کلي ڪري اظهار ڪيو. پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو چيو  ته پروين شاڪر خوبصورت ۽ نفيس خيالن خاص ڪري عورتن جي نفيس جذبن ۽ احساسن جي نمائنده شاعره هئي جيڪا وقت کان اڳ ۾ اسان کان وڇڙي وئي، سالگره تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي جي رابطا سيڪريٽري فقير اڪرم مڱڻهار، طارق امر، صاحبڏنو سمون، سينيئر صحافين عبدالوھاب شيخ، اسماعيل ميمڻ، خدا بخش بروھي، منصور جلالاڻي، رحمت  الله ڇٽو، حيدر شورو، ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.