نوشهري پريس ڪلب تي حملو، هڪ همراهه سوگهو، صحافين جو احتجاج

نوشھرو فيروز ( ڊر ) نيشنل  پريس ڪلب نوشهروفيروز  تي هٿيار بندن جو حملو هڪ جوابدار گرفتار چار ڄڻا فرار ،نيشنل پريس ڪلب  نوشهروفيروز تي  علي حسن  وڳڻ سميت پنجن هٿيار بندن ويٺل صحافين مٿان اوچتو حملو ڪيو. جنهن سبب پريس ڪلب تي ويٺل صحافين پنهنجي جان بچائيندي هڪ ڄڻي هٿيار بند علي حسن  وڳڻ کي کي سوگهو ڪري  ورتو. هٿ آيل جوابدار علي حسن وڳڻ کي نوشهروفيروز پوليس حوالي ڪيو ويو، سياسي سماجي اڳواڻن سميت صحافين نيشنل پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر امتياز سومرو، شاهد چنه، ظمير لنڊ، امجد ميمڻ مولابخش مشوري، راڻا عبدالستار، مجيد ڪيريو ۽ ٻين ٻڌايو ته هٿياربندن پريس ڪلب تي ويٺلن مٿان بنا جواز حملو ڪري گارگند ڪيو صحافين هميشه حق سچ واري عمل جو ساٿ ڏنو آهي، قلم ڌڻين کي حراسان ڪري انهن کي لکڻ کان منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.